جائفل

جائفل

جائفل 1

جائفل (Nutmeg): هيءُ گرم مصالحي طور استعمال ٿيندڙ پسارڪي وکر جو وڻ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ True Nutmeg ۽ نباتاتي زبان ۾ Myristica Fragrans چيو ويندو آهي. هن وڻ جو تعلق Myristicaceae خاندان سان آهي.
هي سدا بهار ٻج وارو وڻ نيو جينينا، پينانگ، مالايان، پيننسولا، مالابار ۽ آمريڪا جي ڪجهه گرم علائقن ۾ ٿئي ٿو ۽ دنيا جي تقريباً سمورن ملڪن جن ۾ پاڪستان به اچي ٿو، برآمد ڪيو وڃي ٿو. هن وڻ ۾ ٿيندڙ ميوو مختلف کاڌن ۾ خوشبوءِ ۽ ذائقي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري ننڍي کنڊ ۽ سنڌ ۾ مصالحي دار کاڌن جو لازمي جزو آهي. هن جي ڦر کي پڻ جائفل چيو وڃي ٿو، جيڪو بيضوي شڪل جو سچي سوپاريءَ جهڙو ٿئي ٿو. جائفل جي مٿين سطح ڀوري رنگ جي ۽ اندريون حصو زعفراني ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو. هيءُ ڦر گهري ناسي رنگ جي کَل اندر هوندو آهي، جيڪا ٿوري سخت هوندي آهي، جڏهن ته کَل جي مقابلي ۾ جائفل نرم ٿئي ٿو. هن جو تاثير گرم ۽ خوشبو تيز ٿئي ٿي. هن مان پيڙيل تيل اڇو ۽ پاڻيءَ کان به هلڪو ٿئي ٿو، جيڪو پڻ طب ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو